ڄام بابينو

ڄام بابينو (ثاني: 1368-1353ع): ڄام بابينو (صدرالدين)، ڄام فيروزالدين اُنڙ جو پٽ هو، جيڪو پيءُ جي وفات بعد سنڌ جو بادشاهه بڻيو. تاريخن ۾ هن کي ’ڄام ٻانڀڻيو‘ ۽ ’ڄام ٻانهن ٻيڻو‘ به سڏيو ويو آهي. ڄام بابيني سان گڏ هن جو چاچو ڄام جوڻو پڻ اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار هو. هن جي تخت تي ويهڻ وقت سيوهڻ، بکر ۽ نصرپور ۾ تغلقن جا نائب مقرر ٿيل هئا ۽ سمن جو اثر فقط لاڙ تائين هو. فيروز تغلق ڄامن کي ناڪام بڻائڻ ۽ سنڌ کي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ هر طرح جون ڪوششون ڪري رهيو هو ۽ گجرات توڙي ملتان جي نائبن کي همير سومري جي هر طرح سان مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هئائين ته جيئن همير سومري کي بادشاهي ملڻ سان هنن لاءِ راهه هموار ٿي سگهي. ڄام بابينو فطري طور وطن سان حب رکندڙ بهادر جوان هو ۽ ملڪي سرحدن ۾ ڌارين جي نقل مڪاني، مداخلت کي ڪنهن ريت برداشت ڪرڻ وارن مان نه هو. اهو ئي سبب هو جو هيءُ هر وقت دهليءَ جي سلطنت جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملين ٺاهڻ ۾ رُڌل رهندو هو. 761هه/1359ع ۾ فيروز تغلق جي فوجن بنگال ۾ ٻي مهم دوران مات کاڌي ۽ ڇهن مهينن تائين ناگپور جي گهاٽن ٻيلن ۾ ڀٽڪندي رهي. ان موقعي مان فائدو وٺندي، هن پنهنجون فوجون ملتان جي حدن اندر پهچايون. سيوهڻ ۾ ننڍا ننڍا حملا ڪري ماڻهن ۾ بغاوت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان دوران دهليءَ جي سلطنت پاران سنڌ لاءِ مقرر ٿيل خاص نمائندي ملتان جي وائسراءِ عين الملڪ ماهرو سنڌ اندر ڄامن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جا ساٺ سٽيا ۽ همير سومري جي حاڪميت ٻيهر ورائڻ لاءِ مهم جوئيءَ کي تيز ڪيو ۽ همير سومري گجرات ۽ ملتان جي شاهي لشڪر سان لاڙ ۽ ٿر تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. ان دوران 766 هه/ 1364ع ۾ عين الملڪ ماهرو مري ويو. روايتن موجب عمرڪوٽ جي ويجهو همير سومري سان ڄام بابيني جو معرڪو ٿيو، جنهن ۾ همير سومرو قتل ٿي ويو. ڪن روايتن موجب ته همير سومرو سنڌ مان ڪڇ طرف ڀڄي ويو ۽ پوءِ سٽون سٽڻ لڳو. ان کانپوءِ سمن پنهنجي اقتدار کي توسيع ڏني. همير جي قتل کانپوءِ فيروز تغلق صفر 767 هه/ آڪٽوبر 1365ع ۾ ٻيهر سنڌ تي فيروز تغلق جي سرڪردگيءَ هيٺ 80 هزار فوج ۽ 500 بحري ٻيڙن سان حملو ڪري ڏنو ۽ هڪ خوفناڪ جنگ لڳي، جنهن ۾ سنڌي فوج، تغلقن (دهلي سلطنت) کي عبرتناڪ سزا ڏئي، سموري بحري اٽالي کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ فيروز تغلق ناڪام ٿي گجرات طرف روانو ٿيو. تغلق فوج جي گجرات وڃڻ دوران ڪڇي ماڻهن پڻ ڌاري فوج کي ڪافي پريشان ڪيو ۽ ڪيترن ئي حملن ۾ بي انداز لشڪر ماري ڇڏيو. 770هه/1368ع ۾ وري ٻيهر فيروز تغلق سنڌ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ سنڌي فوج کي گهڻو نقصان ٿيو، پر تڏهن به دشمن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
ڪتاب ’سمن جي سلطنت‘ ۾ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته جيتوڻيڪ سنڌي فوج دهلي سلطنت جي فوج کي شڪست ڏني، پر دهليءَ جي سلطنت حرفت کان ڪم وٺندي، مخدوم جهانيان (سمن جي مرشد) جهان گشت کي وچ ۾ آڻي ڄام بابيني ۽ جوڻي کي ڳالهين لاءِ راضي ڪيو. ٻنهي ڌُرين ۾ ٺاهه ٿيو ته، سنڌي دهلي سلطنت کي ساليانو خراج ڏيندا. ڄام بابينو ۽ ڄام جوڻو دهليءَ هلي رهندا، ۽ پٺيان سندن وارث حڪمراني ڪندا رهندا. ان ريت سنڌ مٿان سمن جي برتري جاري رهندي.
ڄام بابيني مجموعي طور 15 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. دهليءَ سلطنت سان معاهدي موجب ڄام تماچي ۽ توڳاچي سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳا.


لفظ ڄام بابينوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو